ٻانڀڻيو

ٻانڀڻيو: سماٽن ۾ مرد جو نالو، ٺٽي جي سمن حاڪمن مان ٻيو نمبر خودمختيار حاڪم ڄام ٻانڀڻيو / صدر الدين پٽ فيروزالدين هو. هن جي دؤر ۾ ٺٽو وري تختگاه بنيو. ڄام ٻانڀڻيو (بابينو) جڏهن سنڌ جو حاڪم ٿيو تڏهن سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور تعلقن جي نائبن جي زيرحڪومت هئا ۽ سمن جو اثر صرف لاڙ تائين هو. ڄام ٻانڀڻيو دلير ۽ وطن پرست حاڪم هو. (وڌيڪ ڏسو: ڄام بابينو )


لفظ ٻانڀڻيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو