ٻلهڙيجي

ٻلهڙيجي (ڳوٺ ): ٻلهڙيجي ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ موهن جي دڙي جي ڏاکڻي طرف سنڌو نديءَ جي ڪناري تي آباد هڪ قديم ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ عظيم سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا واري مد ۾ نهايت اهم آهي. موهن جي دڙي سان گڏوگڏ هجڻ سبب هن ڳوٺ ۾ پاڻيءَ لاءِ کوهيون کوٽڻ سان زمين هيٺان موهن جي دڙي جون ٺڪريون، گهڙا ۽ ڪنگڻ وغيره نڪرندا آهن. هن ڳوٺ ۾ ڪافي ذاتين وارا رهن ٿا، پر اڪثريت گهڻو ڪري پيرزادا ذات وارن جي آهي جيڪي 1936ع ۾ درياهه پائڻ سبب ڪچي مان لڏي هن ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. هن ڳوٺ ۾ بجلي، روڊ، اسڪول، گندي پاڻيءَ جي نيڪال، اسپتال سميت سموريون بنيادي سهولتون موجود آهن. 1986ع ڌاري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت پنجن ڪمرن تي مشتمل هڪ اسپتال ٺهرائي. هن ڳوٺ ۾ ’ڳوٺ سڌار سنگت‘ سنڌي ادبي سنگت ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ متحده محاذ سميت ٻيون تنظيمون ڳوٺ جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن ڳوٺ مان ڪيترائي پڙهيل لکيل نوجوان مختلف ملڪن توڙي ٻاهر جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ناليوارو صحافي ۽ لطيف شناس ڏاهو ۽ شاعر انور پيرزادو، گيت جو نامور شاعر مير محمد پيرزادو، قومپرست اڳواڻ حفيظ پيرزادو، فقير يار محمد پيرزادو، امر پيرزادو،
الطاف پيرزادو، زرار پيرزادو، فيض الله پيرزادو، جانيئڙو سنڌي (فنڪار) ۽ ملڪ پيرزادو هن ڳوٺ جا آهن.


لفظ ٻلهڙيجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو