ٽوپ

ٽوپ: گاهه جو هڪ قسم، جيڪو وڏي پاڻيءَ ۾ اَسرندو ۽ گھاٽو ڄمندو آهي. هي گاهه مڇيءَ جي سٺي خوراڪ آهي. ٽوپ گاهه جا پن سوڙها ٿيندا آهن. ڪڻڪ جي فصل ۾ به خودرو ٻوٽي وانگر هي گاهه ڦُٽي ٿو. مينهون ٽوپ گاهه کائين ٿيون.


لفظ ٽوپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو