ٽپر

ٽَـپُرَ: اهو ٿلهو ڪپڙو، جيڪو وهٽ (اُٺ، گهوڙي، ڍڳي) جي پٺيءَ تي وجهندا آهن. هن مقصد لاءِ رَلي به ڪم آڻيندا آهن، ان ڪري ’ٽَپُرَ‘ جي وضاحت اها ٿيندي ته مَهري اُٺ جي پٺيءَ تي جهُل ۽ پاکڙي جي هيٺان وجهڻ لاءِ رلي؛ گهوڙي جي هني جي هيٺان رکڻ واري رلي وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو