پرسارڻي

پرسارڻي: هيءَ هڪ ٻوٽي آهي، جنهن کي لاطينيءَ ۾ ‘Paederia Foetida’، عربيءَ ۾ ’بذر القراص‘، پنجابيءَ ۾ ’کيپ‘، هنديءَ ۾ ’گند پرسارني‘، بنگالــيءَ ۾ ’گـانــڌالــي‘، گجــراتــيءَ ۾ ’گنڌنا‘، اردوءَ ۾ ’گنڌانا‘ چيو ويندو آهي. هي 'Rubiaceae' آڪهه سان تعلق رکندڙ ٻوٽي آهي. هي هندستاني ٻوٽي ول وانگر ٿيندي آهي. هن جا پن ويڪر ۾ 2.5 کان 3.8 سينٽي ميٽر ٿيندا آهن. جڏهن ته انهن جي ڊيگھه پنجن کان ساڍا ست سينٽي ميٽر هوندي آهي. هن ٻوٽي جون ڏانڊيون 1.3 کان 3.8 سينٽي ميٽر هونديون آهن ۽ ان جا گل واڱڻائي رنگ جا ٿيندا آهن، پنن جو ذائقو تيز ۽ کٽو هوندو آهي. هٿ سان مهٽبا ته انهن مان ڪاربان ڊاءِسلفائيڊ جي بوءِ ايندي. برسات جي موسم ۾ هن جا ٻوٽا ڀنگ سان سان گڏ ڦٽندا آهن. پنجاب، بنگال ۽ آسام ۾ عام جام ٿئي. هيءَ جڙي ٻوٽي طبابت جي ڪم اچي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو