پرسيان

پرسيان: هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو دوا طور ڪم ايندو آهي. هن جا سنها پن ڪاٺين سان گڏيل سائي رنگ تي ٿيندا آهن. حڪيم هن جو ڪاڙهو، کنگهه، دمڪشيءَ، پنين جي سور، ڦڦڙن، يرقان ۽ مٿي جي سور لاءِ ڏيندا آهن. حڪيمن جو چوڻ آهي ته ڪاڙهو پيئڻ سان مئل ٻار کي پيٽ مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو، ان جو ٻورو ڦٽن، ناسور ۽ ڇتي ڪتي جي کاڌل جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي. هن کي سفوف جي صورت ۾ استعمال ڪرڻ بدران، ڪاڙهي جي صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي.


لفظ پرسيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو