پرڳڻو

پرڳڻو: ملڪ جو هڪ حصو، صوبو يا علائقو، ملڪ جي ايراضي وڏي ٿيندي آهي، انڪري انتظامي سهولت لاءِ ملڪ جا ننڍا حصا ڪري، انهن تي عملدار مقرر ڪيا ويندا آهن. مغلن جي وقت ۾ انهن عملدارن کي ’صوبيدار‘ چيو ويندو هو. موجوده دور ۾ صوبي جي وڏي عملدار کي ’گورنر‘ چئجي ٿو، جيئن ”سنڌ“ پاڪستان ملڪ جو هڪ صوبو يا پرڳڻو آهي. ان جو وڏو عملدار ”گورنر“ آهي ۽ انتظامي عملدار وڏو وزير آهي.


لفظ پرڳڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو