پوٺوهار1

پوٺوهار1: پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ڪيترائي مٿانهان پٽ آهن، جن مان پوٺوهار، پنجاب صوبي جو مٿانهون پٽ آهي. هي علائقو جهلم نديءَ جي اڀرندي، سنڌو نديءَ جي اولهه، ڪالاچترا رينج (Kala Chitra Range) ۽ مرگلا پهاڙين جي اتر ۽ لوڻ رينج (Salt Range) جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ جا شهر به پوٺوهار جي هن پٽيءَ ۾ اچن ٿا. هيءَ سوئاني تهذيب (Soanian Culture) جي پٽي آهي، جنهن تي 23 کان 18 ق. م تائين تهذيب '>سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب (Indus Valley Civilization) جو به اثر هو. هن خطي ۾ اوائلي پٿر جي دور جا ڪيترا اهڃاڻ مليا آهن، جيڪي پنجن لکن کان ڏهه لک سال پراڻا چيا وڃن ٿا. هن ئي خطي ۾ دنيا جو قديم تهذيبي مرڪز ٽيڪسيلا به موجود آهي. ڪوهستان لوڻ ۽ اتر اولهه وارن جبلن جي وچ واري پوٺوهاري پٽ ۾ اٽڪ، راولپنڊي، ڪوهه مري، ڪهوٽا ۽ جهلم جا ضلعا اچي وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو