پرڻ

پُرڻ: پرڻ تعلقي موري جو مشهور ڳوٺ آهي، جيڪو ديهه ڪوٽ ستابي ۾ آباد آهي. هن ڳوٺ ۾ رهندڙن جو تعداد 2000 کن ٿيندو. هتي پرائمري ۽ مڊل اسڪول موجود آهن. مشهور عوامي شاعر سيد سليمان شاهه ولد سيد محمد شاهه لڪياري، اصل ڳوٺ پرڻ جو ويٺل هو. جتان پوءِ لڏي تعلقي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ”بودلي ڏاهري“ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سندس مرشد سيد حزب الله شاهه راشدي پاڳارو (1255هه-1308هه) ساڻس ناراض ٿيو ته هيءَ مشهور ڪافي چيائين:
ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان،
ڏس ڪو ڏانءُ!
جيڪا ڪنور ڀڳت ڳائي مشهور ڪئي. پُرڻ سان هڪ پهاڪو مشهور آهي ته ”چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي.“ هن پهاڪي جو پس منظر اهو آهي ته ڌاڙيل چنيجن جي ڳوٺ کي ڦرڻ جي ارادي سان نڪتا، پر رات وڳڙي ۾ ڀُلجي وڃي پُرڻ نڪتا ۽ ڳوٺ وارن کي ڦري دنگ ڪيائون ته کين خبر پئي ته هي ڳوٺ چنيجن جو نه پر پُرڻ آهي، اُن تي اهو پهاڪو مشهور ٿيو.


لفظ پرڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو