پلاگرا

پلاگرا

پلاگرا

پلاگرا (Pellagra): مرض جو قسم، هن مرض ۾ جسم جي کل تي بدنما داغ ٿي پوندا آهن. هاضمو خراب ٿي پوندو آهي ۽ اعصابي نظام ۾ خلل پوندو آهي. هيءُ مرض نڪوٽينڪ ايسڊ جي گهٽتائيءَ جي ڪري ٿيندو آهي. هيءَ بيماري انهن کي ٿيندي آهي، جيڪي مڪئي گهڻي کائيندا آهن. جابلو علائقن ۾ رهڻ وارن کي به هي مرض گهڻو ٿيندو آهي. هن مرض ۾ مريض جي کل تي بدنما داغ ٿي پوندا آهن ۽ انهن مان گند وهڻ شروع ٿي ويندو آهي. زبان ۽ معدي ۾ سوزش ٿي پوندي آهي. دماغي ۽ هڏين جي ڪمزوري ٿي پوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو