ربيلا

ربيلا Rubella)): هي وائرس ذريعي ڦهلجندڙ هڪ بيماري آهي، جيڪا نڪ مان ساهه جي ذريعي نڙيءَ ۾ وڃي زخم ڪندي آهي. عموماً ماءُ ٿيڻ واريون عورتون هن بيماريءَ جو شڪار ٿينديون آهن. ان ڪري هاڻي هن بيماريءَ جي ويڪسين لڳائي ويندي آهي. هن بيماريءَ جو اثر ٻار تي 50 سيڪڙو ٿيندو آهي، جنهنڪري ٻار ۾ ڪو نه ڪو نقص پيدا ٿيو پوي. ڪڏهن ته ٻار هن بيماريءَ سبب مئل يا انڌو پيدا ٿيندو آهي. هن بيماريءَ جون علامتون هن ريت آهن: مٿي جو سور، بک ۾ گھٽتائي، هڏين ۾ سور، ڳلي ۾ خراش، بخار ۽ جگر جو وڌي وڃڻ وغيره. ربيلا جو وقت سر علاج نه ڪرائڻ ڪري عورتون ڪيترين بيمارين جو سبب بڻجي ٿي، جھڙوڪ: انڌو ٿي پوڻ، نمونيا، ٻوڙو ٿيڻ، جسم ۾ بخار، دل جي تڪليف وغيره.


لفظ ربيلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو