چيچڪ

چيچڪ (بيماري): هيءُ ڳاهي مال جو مرض آهي. ڳئون ۾ هيءُ مرض هڪ خاص قسم جي جراثيم سان ڦهلجي ٿو. جيتوڻيڪ هن مرض سبب ڳئون موت جو شڪار نه ٿي ٿئي، پر ان جي جسم تي انتهائي هاڃيڪار اثر پوي ٿو ۽ ان جي عام جسماني حالت به متاثر ٿئي ٿي. هيءَ بيماري ٻين جانورن تائين خوراڪ ۽ ساهه جي نالين ذريعي پهچي ٿي. هن بيماريءَ کي تندرست جانورن تائين ڦهلائڻ ۾ انساني هٿ به شامل هوندا آهن، جيڪڏهن چيچڪ جي بيماريءَ ۾ ورتل ڳئون جو کير ڏهڻ کانپوءِ هٿ چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ کانسواءِ انهن ئي هٿن سان ڪنهن ٻي صحتمند ڳئون جو کير ڏڌو ويندو ته اها بيماريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿي. هيءَ بيماري جانور جي چمڙيءَ تي حملي آور ٿئي ٿي. هن بيماريءَ ۾ جانورن کي پهرين هلڪو بخار ٿئي ٿو ۽ پوءِ جسم جو اهو حصو جتي وار گهٽ هجن اتي ان جو اثر پوي ٿو. شروع ۾ جسم تي ڳاڙهي رنگ جا ننڍا ننڍا نشان نظر اچن ٿا ۽ پوءِ اهي نشان داڻن جي شڪل اختيار ڪن ٿا، پوءِ انهن داڻن ۾ گند ڀرجي وڃي ٿو ۽ فلوڪڻا ٿي وڃن ٿا، جڏهن اهي فلوڪڻا ٿيڻ لڳندا آهن ته جانورن جي جسم تي کرنڊ ٺهي ويندا آهن، هي کرنڊ تقريباً ٻن هفتن کانپوءِ سُڪي ڇٽڻ لڳندا آهن. هيءَ بيماري هڪ جانور تي سڄي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو حملي آور ٿيندي آهي. جانورن جي ڊاڪٽرن موجب هن مرض ۾ مبتلا جانور کي جلاب ڏيڻ گهرجي ۽ زخمن تي ‘سلفانيلاسائڊ’ مرحم هڻڻ گهرجي. تندرست جانورن کي حفاظتي ٽڪا هڻائڻ گهرجن.


لفظ چيچڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو