پلٿو

پَلٿو: تلوار کي هنرمنديءَ سان ڦيرائڻ ۽ وار ڪرڻ جي راند. تلوار بازيءَ جو هڪ داءُ، جنهن ۾ ڪلابازي ڪري ۽ گُهمرڪو ڏئي، اُڇل سان وار ڪجي. پلٿي بازيءَ ۾ چيلهه ۾ سندرو ٻڌڻ، جيئن پهراڻ جا پاسا سندري ۾ قابو ٿي وڃن، ۽ ان ۾ وڏي گهيري واري سلوار ضروري هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته پلٿي ۾ اهڙيءَ طرح ڦيري پائبي آهي، جو سلوار ۾ هوا ڀرجي ويندي آهي ۽ جسم هلڪو ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڦيري واريءَ حالت ۾ زمين کان مٿي کڄي تلوار جو وار ڪندڙ مقابل جي سسي پڻ لاهي سگهي ٿو، پراڻي دور ۾ تلوار بازيءَ جي اهڙن گُرن جي سکيا ورتي ويندي هئي.
پلٿي بازي جنگ جو هڪ هنر آهي. جو هاٿيءَ جي عمل مان حاصل ڪيو ويو آهي. جهڙيءَ ريت هاٿي پنهنجي سونڍ کي هر طرف سولائيءَ سان ڦيرائي سگهي ٿو، تهڙيءَ ريت جنگ ۾ ٻن پهلوانن جي وچ ۾ پلٿي بازي کيڏي ويندي آهي. هن راند ۾ ٻه مخالف پهلوان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون تلوارون ۽ ڍالون کڻي هڪ ٻئي تي وار ڪندا آهن. اهي پهلوان هڪ ٻئي جي چوڌاري ڦرندا رهندا آهن ۽ وار ڪرڻ جي تلاش ۾ هوندا آهن، جڏهن به ڪنهن پهلوان کي وارو ملندو آهي، تڏهن اهو مخالف پهلوان تي وار ڪري ڇڏيندو آهي. پلٿي بازيءَ ۾ هڪ ”ڪڙيي“ واري راند به ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٻئي پهلوان هڪ ٽنگ تي بيهي وڙهندا آهن.


لفظ پلٿوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو