دستڪاري

دستڪاري

دستڪاري

دستڪاري: دستڪاري لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: هٿ جو ڪم يا هٿ جو هنر. سنڌ اندر دستڪاريءَ جو ڪم تمام پراڻو رهيو آهي. قديم زماني کان سنڌ جا ڪاريگر، سونارا، ڪنڀر، ڪوري، واڍا (ڊکڻ/ سوٽهڙ)، دستڪاريءَ جو ڪم ڪندا اچن ٿا. ٺِڪر جي ڪم جي تاريخ سنڌ ۾ 3500 ق. م کان ملي ٿي. ان کان اڳ پٿر جي زماني ۾ هتي ماڻهو پٿرن کي گهڙي ان مان مختلف اوزار ٺاهيندا هئا. ان سلسلي ۾ ڪي شهر تمام گهڻو مشهور آهن، جيئن ٺٽي ۾ ڪورين جا هزارن جي تعداد ۾ آڏاڻا هئا، جن تي ڪپڙو اُڻيو ويندو هو. سنڌو تهذيب جي کوٽايل ماڳن مان ڪيترن زيورن جا نمونا مليا آهن. خاص طور تي مڻين ۽ چوڙن جا ٽڪرا مليا آهن، جيڪي ٻُڌائين ٿا ته هتي عاج ۽ پٿر کي لسائي ڌاتن مان زيور ٺاهيا ويندا هئا. مشنري اپت کان پوءِ هنر جا ڪيترا نمونا تبديل ٿيا آهن، پوءِ به هالا شهر جي دستڪاري نهايت اهم آهي. هن شهر جون مختلف نمونن جون ڪاشيءَ جون سرون، ٽي سيٽ، ڪونڊيون، گلدان، مرتبان ۽ صراحيون نه صرف سنڌ ۾، پر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن. جنڊيءَ جو ڪم به سنڌ ۾ بهترين ٿئي ٿو، جنهن ۾ کٽون، پلنگ، ٻارن جا رانديڪا، دٻليون، ڪرسيون، ٽپايون، اڳٺ وجھڻيون ۽ سٺي قسم جو فرنيچر ۽ ٻيو سينگار جو سامان ڏسڻ وٽان آهي. اهي شيون کاڻوٺ ۽ ڪشمور ۾ به سٺيون ٺاهيون وينديون آهن. سنڌ ۾ هٿ جي اُڻت جو ڪم به تمام سٺو ۽ جٽادار ٿئي ٿو. ٺٽي جون لونگيون قديم زماني کان مشهور آهن. ريشمي سوسيون، گربيون، کيس، کٿا ۽ اُڻاوت جو ٻيو ڪم به سنڌ ۾ سٺو ٿئي ٿو. ائين جوهيءَ جون ميٽايون گُگهيون به مشهور آهن. ٿر جا ٺهيل، مصلا، ٿيلهيون، پاکڙا، جتيون ۽ زينون به دستڪاريءَ جون مشهور شيون آهن.


لفظ دستڪاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو