پنبي2:

پَنبِي2: پنبي نالي سان دادو تعلقي ۾ ٽي ڍنڍون به موجود آهن. اهي ڍنڍون، پراڻي درياهه جي ڇڏيل ڍوري ۾ ٽن حصن ۾ ورهايل آهن، جيڪي درياهه سان ڳنڍل آهن. اونهاري ۾ درياهه جو پاڻي هنن ڍنڍن کي ڀري ويندو آهي ۽ ڇينهري تي ڍنڍن جا منهن ٻڌي ڇڏيندا آهن. سنهڙي ڍنڍ به ساڳئي پراڻ جو حصو آهي. سنهڙي ۽ پنبي ڍنڍن تي مالوند ماڻهن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن، جيڪي ”ڀاڻ“ سڏبا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو