پنواڻي

پنواڻي: پنواڻي عاملن جو وڏو ڏاڏو پنهون مل ۽ گلراجاڻين جو وڏو ڏاڏو گلراج مل پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا. هنن آڪهين جا وڏا اصل سبي ڍاڍر (بلوچستان) ويجهو ناري گاج ۾ رهندا هئا ۽ سونارڪو ڪم ڪندا هئا، ديويءَ جا پوڄاري هئا ۽ اهو رواج اڃا تائين سونارن ۾ عام آهي. هي ڇيڻيءَ سان اُما ديويءَ جي مورتي ڀِت تي ٺاهي، ان ۾ داڻا ڇٽيندا هئا ۽ پوءِ ڪنهن تاريخ تي اهو درياهه ۾ پرواهه ڪري وهائي ڇڏيندا هئا. هيءَ پوڄا صرف هن عاملڪي آڪهه ۾ مروج هئي. هن آڪهه جا وڏا ناري گاج ۾ ڪيترا ورهيه امن امان سان رهيا، پر پوءِ اتي جي ڪن مسلمانن سان تڪرار ٿيڻ ڪري لڏي سنڌ ۾ اچي پهرين بکر ۾ رهيا، بعد ۾ خدا آباد ۾ اچي وسيا. حيدرآباد شهر وسڻ بعد آڏواڻين جو وڏو ديوان آڏومل کين حيدرآباد ۾ وٺي آيو ۽ حيدرآباد جي آڏواڻي گهٽيءَ ۾ هڪ طرف پنواڙين جو ويڙهو ۽ ٻئي پاسي گلراجاڻين جو پاڙو هو، جتي هنن جو شاديءَ غميءَ هڪ ٻئي وٽ اچڻ جو رستو هو. هتي به ٻنهي آڪهين جو ساڳيو ڌنڌو سونارڪو رهيو، منجهانئن ڪي صراف (Bankers) هئا. هنن مان ڪي ميرن جي نوڪريءَ ۾ آيـا ته عـامـل سڏجـڻ ۾ آيـا. اهـي خـداآباد مـان آيـا هئـا، ان ڪـري اڳـتـي هلي ”خدا آبادي عامل“ سڏيا ويا. ڪجهه سالن کان پوءِ پنواڻين جا ڪي سؤٽ خيرپور ميرس ۾ وڃي رهيا، جن مان ديوان خوبچند روينيو کاتي ۾ عملدار هو.


لفظ پنواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو