پنير

پنير: سنڌ ۾ ڏهيءَ (ڌؤنري) کي ڪپڙي ۾ ٻڌي لٽڪائبو آهي ته اُن مان پاڻي ڳڙندو رهندو آهي. ڏهي سُڪي ويندي، باقي جيڪو بچندو، ان کي پنير چوندا آهن. پنير ٺاهڻ جو هي سلسلو قديم دؤر کان هلندڙ اچي، جيڪو ڪوهستان جي جابلو ايراضيءَ ۾ اڃا به رائج آهي.
ان کان سواءِ مينهن، ڳئون، رڍ ۽ ٻڪريءَ جي کير مان به پنير ٺاهبو آهي. پنير جا مختلف قسم آهن: هڪڙو سخت پنير جيڪو ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٺاهيو ويندو آهي، ۽ ٻيو نرم پنير، جنهن ۾ ملائيءَ جو پنير ۽ ٻيو گهريلو پنير اچي وڃي ٿو. پنير جون ٽڪيون ٺاهي وڪڻندا آهن. پنير کي رڌي، ڀاڄيءَ طور به کائيندا آهن. پنير ڪچو به کائبو آهي. پاڪستان ۾ پنير، صوبي سرحد ۾ خير آباد جي ويجهو وڏي تعداد ۾ ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Cheese چون. ان مان ڪيترائي سوادي طعام ٺهندا آهن.


لفظ پنيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو