پنگريو

پنگريو: پنگريو، ضلعي بدين، تعلقي ٽنڊي باگي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، هن جي آسپاس آباد ۽ سرسبز زمينون آهن. هتي ڪڻڪ، ڪپهه، گيهه ۽ چانورن جو واپار هلي ٿو. پراڻ درياهه تي قديم شهر ”باغ جي پتڻ“ ۽ ”ٻنگار“ جي شهر جا کنڊر هن شهر جي ويجهو آهن. هن شهر ڀرسان مشهور درويش سمن شاهه (سمن سرڪار) جو شاهي ميلو لڳندو آهي. سنڌي زبان جي مشهور شاعر خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي درگاهه به هن شهر جي ويجهو آهي. پنگريي جي مشهور اديبن ۾ مرحوم نور محمد ’نور‘ سمو، وجئه واڌو مل مهراج، ليمون مل سنڌي ۽ سليم سنڌي آهن. نور سمون تازو وفات ڪري ويو. پنگرئي شهر ۾ پريس ڪلب به آهي.


لفظ پنگريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو