پونئرا

پُونئَرا: پاڻيءَ جا سنها جيت، ڍنڍن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ سنها جيت پيدا ٿي پوندا آهن، جيڪي پهرين گول داڻن وانگر ٿيندا آهن، پوءِ ننڍڙو پڇ ڪڍندا آهن، ان کان پوءِ روپ مٽائي ٻيا پاڻيءَ جا جيت ٿي ويندا آهن، هي مختلف جيتن جي واڌ جي مختلف مرحلن وارا ساهوارا آهن، جن مان ڪن کي هنن جيتن جي ٻنهي صورتن کي ”پونئرا“ چوندا آهن.
جڏهن کوهن جي سنڀال نه ڪبي آهي ته انهن ۾ اندر ڪاري گپ گڏ ٿي ويندي آهي، جنهن ۾ ڌپ ٿيندي آهي ۽ پوءِ انهن ۾ هڪڙا ننڍڙا ڪينئان جنم وٺندا آهن، جن کي پوُنئرا چيو ويندو آهي. اهي پوُنئرا هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ هوندا آهن. کوهن جو پاڻي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ ڪم ايندو آهي ۽ اهي ڪينئان پاڻيءَ ذريعي ماڻهن جي پيٽ ۾ هليا ويندا آهن، جنهنڪري پيٽ جون ٻيون انيڪ بيماريون پکڙجڻ جو انديشو رهندو آهي. ان لاءِ اڳي صحت کاتي وارا ڪارڪن کوهن ۾ دوا وجھندا هئا ته جيئن پوُنئرا مري وڃن. پاڻيءَ ۾ وجهڻ واري دوا، ”پوٽيشئم پرميگنيٽ“ هوندي آهي، جيڪا ڳاڙهي رنگ جي ٿيندي آهي، ان ڪري کوهه جو پاڻي به سڄو ڳاڙهي رنگ جو ٿي ويندو آهي، پر پيئڻ ۾ نقصانڪار نه هوندو آهي. دوا نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻي ڪاڙهي، پوءِ آٺرائي، سنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻبو آهي ته جيئن مئل پوُنئرا پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ شامل نه ٿي سگهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو