عزاداريءَ وارو پينگهو

عزاداريءَ وارو پينگهو

پينگهو2

پينگهو2: محرم الحرام ۾ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ مسلمان حضرت امام حسين عليه السّلام ۽ سندن انصارن، مٽن، مائٽن جي شهادت تي وڏي پيماني تي ماتمداري ڪندا آهن. 10 محرم الحرام 60 هه/10 آڪٽوبر 680ع ۾ يزيد، حضرت امام حسين عه ۽ سندس لشڪر سان گڏ حضرت امام حسين عليه جي ڇهن مهينن جي معصوم ٻار حضرت علي اصغر عليه کي بيدرديءَ سان گلي ۾ حرمل جي هٿان تير هڻائي شهيد ڪرايو هو، انهيءَ معصوم ٻار شهيد حضرت علي اصغر عليه جي ياد ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ پينگها ڪڍيا ويندا آهن. عزاداريءَ ۾ پينگهي جو رواج ايران کان پيو، ان کان پوءِ پاڪ ۽ هند ۾ عام ٿيو، سنڌ ۾ پينگهي جو رواج ڪافي آڳاٽو آهي ۽ ان ۾ به خيرپورميرس ۾ پينگهي جي عزاداري تمام وڌيڪ قديم آهي، ٺٽي جي مغل گورنر نواب سيف الله خان به عزاداريءَ لاءِ حضرت علي اصغر عله جو هڪ چانديءَ جو پينگهو ٺهرايو هو، جيڪو ڏيڍ مڻ (60 ڪلو) وزني هو، اهو پينگهو نواب سيف الله خان محرم الحرام جي 9 تاريخ پنهنجي گهران ماتمي جلوس سان ڪڍندو هو ۽ جلوه گاهه امامين ۾ اچي رکائيندو هو، جنهن کان پوءِ مجلس ٿيندي هئي، مجلس ۾ مرثيه خوان اڪثر حضرت علي اصغر عله جا مرثيه ۽ مصائب پڙهندا آهن، سنڌ ۾حضرت علي اصغر عه جا پينگها ڪاٺ جا ٺهرائي مٿن جنڊيءَ جو ڪم ڪرائيندا آهن، پر ان کانسواءِ سون ۽ چانديءَ جا به پينگها ٺهرايا ويندا آهن، عزاداريءَ جي تاريخ ”صحيفة العزا“ ۾ مرزا قاسم علي بيگ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ عزاداريءَ لاءِ سون جو پينگهو ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ٺهرايو هو، جنهن جو وزن اڌ مڻ کان گهٽ هو ۽ اهو پينگهو ميان نور محمد خان پنهنجي اولاد جي باس ۾ ٺهرايو هو، ان کان سواءِ سنڌ ۾ چانديءَ جو پينگهو ٺٽي جي گورنر نواب سيف الله خان ٺهرايو هو، جنهن جو وزن ڏيڍ مڻ هو“. محرم الحرام جي مهيني ۾ جهولي جو ماتم وڏي پيماني تي ٿيندو آهي، هاڻي به سڄي سنڌ ۾ اهو ماتم وڏي پيماني تي ٿيندو آهي. محرم الحرام جي نائين ۽ ڏهين تاريخون حضرت علي اصغر جي ماتم لاءِ مخصوص آهن. سڄي سنڌ سان گڏ حيدرآباد ۾ پڻ پينگهي جو ماتم وڏي پيماني تي ٿئي ٿو، نائين محرم تي پينگهي جي ماتم سان زنجير زني به ڪئي ويندي آهي، حيدرآباد ۾ ڏهين محرم جي صبح يعني حشر يا عاشوري جي ڏينهن امام بارگاهه ابو تراب ۾ به جهولي جو ماتم ٿيندو آهي ۽ شام غريبان مهل امام بارگاهه علي آباد ۾ به جهولي جو ماتم ٿيندو آهي، ماتم کان پوءِ مجلس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٻه قديم مرثيا 1880ع کان اڄ تائين پڙهيا ويندا آهن، انهيءَ مجلس جو بنياد ميرزا فتح علي بيگ وڌو هو، انهن ٻنهي مرثين مان هڪ مرثيو ميرزا فتح علي بيگ فتح جو آهي:
ياد ڪيو شاهه کي بانو ٿي روئي زار و زار
ٻيو مرثيو آخوند محمد عالم پنهور خيرپوري جو آهي، جيڪو حضرت علي اصغر جي ماتم ۾ آهي، انهيءَ مرثيي کي لوليءَ وارو مرثيو به چيو ويندو آهي، جنهن جو پهريون بند هي آهي:
بيبي بانوءَ چيو هيئن ٿي هر هر،
منجهه هندوري ڏسي حال اصغر،
ننڊ نهوڙيئي منهنجا ناز پرور،
لوڏي پينگهو ڏيان ڪنهن کي لولي.
اهي ٻئي مرثيا موجوده وقت ۾ حيدرآباد شهر ۾ پينگهي جي سامهون سڪندر علي ميرزا جرار پنهنجن ساٿين سان پڙهندو آهي، آخوند محمد عالم جي لوليءَ کانسواءِ سنڌ ۾ ميرزا فتح علي بيگ، مير حسن علي خان ٽالپر، ميرزا قاسم علي بيگ، غلام محمد ڪمانگر، مسڪين ماڇي، مير منور ۽ ٻين جون لوليون (مرثيه) به تمام مشهور ۽ درد انگيز آهن. محرم جي ستين تاريخ حيدرآباد جي قديم امام بارگاهه ’سفينه حسيني‘ مان پڻ جهولي جو ماتم (ماتمي پِڙ) نڪرندو آهي، جيڪو مقرر هندن تان ٿيندو، جڏهن حيدر چوڪ پهچندو آهي ته اُتي امام قاسم عه جي مينديءَ جا مرثيا پڙهيا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو