پِيپ

پِيپُ: هيءُ لفظ ڪنهن خاص قسم جي وڏي دٻي لاءِ ڪم ايندو آهي، هي پورچوگيزي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ سنڌ ۾ پورچوگيزن رائج ڪيو. هيءُ دٻو ڪاٺ جي پٽين مان ٺهيل هوندو آهي. پٽيون اهڙيءَ طرح ڀچايل هونديون آهن، جو انهن ۾ پيل پاڻيٺ جي وهڻ جو انديشو نه رهندو آهي. پورچوگيز انهن پيپن ۾ شراب، بيئر، بارود يا ٻي اهڙي ڪا چيز آڻيندا هئا. پيپ وڏا، ننڍا ۽ هر ماپ جا هوندا آهن. اڄ ڏينهن تائين به ڪاٺ جي پيٽين مان ٺهيل اهي پيپ استعمال ٿيندا آهن. سنڌ ۾ انهن پيپن ۾ آچار (سانڌاڻو)، گيهه، تيل، ماکي وغيره وجهي بند ڪري ڇڏيندا هئا. وڏي کان وڏي پيپ ۾ 50 گئلن (200 ليٽر) جي گنجائش هوندي آهي. لوهي پيپن کي عام طرح Drum چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو