پٽڻي

پَٽڻي: هن نالي سان تعلقي روهڙيءَ جي ديهه ”آباد“ ۾ ڳوٺ موجود آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي قديم وهڪري جي ڪپ تي آهن. درياهه جي آڳاٽي وهڪري جو پيٽ اڃا تائين چٽو پڌرو آهي، اهي ٻئي ڳوٺ ’وڏي پٽڻي‘ ۽ ’ننڍي پٽڻي‘ جي نالي سان مشهور آهن. ٻنهي ڳوٺن ۾ جدا جدا اسڪول آهن. وڏي پٽڻيءَ ۾ چار پنج هزار ماڻهو رهندڙ آهن ۽ ننڍي پٽڻيءَ ۾ ڪجهه گهٽ تعداد ۾ ماڻهو رهن ٿا. اهي ڳوٺ روهڙي شهر کان چار پنج ميل پري آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو