ڀاروڙي2

ڀاروڙي2: هي ريشمي شال جو هڪ نمونو آهي، هي شال تمام نرم ريشم جي ڪتيل سنهي ڌاڳي مان ٺاهي ويندي آهي. جا سَسَن (ننڍڙن گهيٽن) تان لاٿي ويندي آهي. شاهه لطيف سر مارئيءَ ۾ چيو آهي ته:
اوءِ ٿا ڪورين ڪونئري، مٿان اُنَ سَسَن
ٿر جي سمورن ڀاڱن ويندي راجسٿان ۾ آباد سانگي لوڪ انهن گهيٽن کي، جن تان اها ڪونئري پشم لاٿي ويندي آهي، ”سَسا“ چوندا آهن. سَسن جي نفيس وارن جي سنهي ڌاڳي مان ٺهيل انهيءَ شال کي ڀاروڙي چوندا آهن، جيڪا ٻين ٿري قبيلن سان گڏ ريٻاري قبيلي جا ماڻهو ڏاڍي شوق سان اوڍيندا آهن. لطيف سائينءَ سر مارئيءَ ۾ ”ڀاروڙيءَ جي ڀرم“ لاءِ دعا گهري آهي.
سرتيون دعا ڪجاه! شل ڀرم ڀاروڙي رهي
(اي سهيليو! دعا ڪجو ته هن شالَ جي عزت قائم رهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو