چؤگان

چؤگان: هي آذربائيجان (روس) جي مخصوص راند آهي. هيءَ ران ڏيڍ گز ڊگھي مُڙيل لٺ سان کيڏبي آهي ۽ تيـز ٿڪـائيندڙ رانـد آهي. هن راند ۾ رانديگر بال کي ڌَڪ هڻندا آهن ۽ مخالف گول طرف گهوڙا ڊوڙائيندا آهن. جڏهن ته طاقتور ۽ اعليٰ نسل جا گهوڙا تيز رفتاريءَ سان راند ۾ جان وجھندا آهن. هيءَ راند 30 منٽن جي آهي. وچ ۾ 15 منٽن جو وقفو ٿيندو آهي. گهوڙا تيز ۽ سُٺي نسل جا نه هوندا ته راند جو وقت گهٽ ڪيو ويندو آهي.
چوگان لفظ شاهه جي رسالي ۾ به ڪم آندل آهي.
’چـاري چـوگانـن جـا، واهـيت ڪـن وزيـر.‘


لفظ چؤگانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو