شاميانو

شاميانو

شاميانو

شاميانو: ڪپڙي جو چئن ئي پاسي کليل سائبان. مند آهر شامياني جي چوڌاري يا ٽن پاسن کان قناتون به ڏبيون آهن. شاميانو شادي مرادي ۽ مرڻي پرڻي ۾ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ کڙو ڪبو آهي. هي عارضي استعمال جي جاءِ آهي. شامياني کي وچ ۽ چوڌاري بانس جا لڪڙ ڏئي طناتبن وسيلي ڇڪي ڪلن سان ٻڌبو آهي. شامياني کي سنڌيءَ ۾ عام طور تنبو به چوندا آهن.


لفظ شاميانوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو