چندرس

چندرس: چندرس هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي، جيڪو کؤنر جھڙو چنبڙندڙ ٿيندو آهي. چندرس جو رنگ هيڊو يا ڪهربا جھڙو ٿيندو آهي. حڪيمن موجب طبي لحاظ سان دماغ، آنڊن، سيني ۽ ڦڦڙ جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. معدي جي ڪيڙن کي ماري ٻاهر ڪڍي ٿو. دمڪشي، تپن، ٻرهل ۽ خفقان جي بيمارين ۽ حمل ڪيرائڻ لاءِ مفيد آهي.


لفظ چندرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو