چوگلو

چوگلو (رليءَ جي ٽُڪ): سنڌ ۾ ٺهندڙ رنگين رلين مان هڪ نموني جو نالو چوگلو آهي. هيءَ ٽُڪ، گُلاب جي گُل جي نموني تي ٽُڪِي وڃي ٿي. هن جي هڪ ئي چنبي ۾ چار گل برابر ۾ ٽڪيل هوندا آهن ۽ وچ ۾ سنهيءَ ٽاريءَ جو ڏيک گلن جي مٿان ننڍڙن پوپٽن ۽ ڪارن ڀئونرن جي ٽُڪ ٽُڪي گلن سان اهڙو چهٽايو ويندو آهي، جو ڏسندڙن کي هيءَ رلي ڏاڍي سهڻي لڳندي آهي.


لفظ چوگلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو