چڪلاله

چڪلاله

چڪلاله

چڪلاله: چڪلاله، راولپنڊيءَ جو اهم علائقو، جتي پاڪستان جو وڏو فوجي هوائي اڏو به آهي. راولپنڊيءَ کان پنجن ميلن جي فاصلي تي سمنڊ جي سطح کان 1656 فوٽن جي بلنديءَ تي واقع هن هوائي اڏي تان چين، مشرق وسطيٰ، ايران ۽ ترڪي ڏانهن روزانو اڏامون وينديون ۽ اينديون آهن. پاڪستان ايئرفورس جو هيڊڪوارٽر به هنيئر هتي منتقل ٿيو آهي. ان کان اڳ ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جو پهريون مرڪز به چڪلاله ۾ قائم ڪيو ويو هو، بعد ۾ اسلام آباد منتقل ٿيو. جڏهن ته اسلام آباد ايئرپورٽ، جنهن کي هاڻي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ سڏيو وڃي ٿو، اهو به چڪلاله جي حدن ۾ واقع آهي.


لفظ چڪلالهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو