ڊُول

ڊُول: چلم ۽ حُقو تماڪ ڇڪڻ لاءِ ڪتب ايندا آهن. چلم جي بناوت ۾ ٽوپي (ڦل)، نڙ ۽ هيٺيون حصو (پاڻيءَ وارو) هوندو آهي. چلم جي ٽوپيءَ (ڦُل) جي مٿان جيڪو ڍڪ ٿيندو آهي، ان کي ڊول چئبو آهي. اهو ڊول چمنيءَ جي ڍڪ وانگر نوڪدار ۽ چونري نموني هوندو آهي، جيڪو لوهه يا ٽين جو ٺهيل هوندو آهي. ڊول اصل ۾ چڻنگ وغيره جي اڏامڻ کان احتياط طور وجهبو آهي. ان کانسواءِ ڦُل (جيڪو ٽانڊو يا ڇيڻو) تماڪ کي ٻارڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، ان کي اٿلائڻ پُٿلائڻ لاءِ چمٽو ڪم ايندو آهي.


لفظ ڊُولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو