حُقو

حُقو

حُقو

حُقو: تماڪ ڇِڪڻ لاءِ ٺڪر، ڪاٺ يا ڪنهن ڌاتوءَ جو ٺهيل حُقو، سنڌي چلم کان، خاص ڪري ڍڍر وٽ ويڪر ۾ سوڙهو ٿئي ٿو، پر باقي جوڙجڪ ساڳي اٿس. عام طرح سان حقي جا ٻه قسم آهن: (1) اهو حقو، جيڪو ننڍي مُڙيل ۽ سخت شيءِ مان ٺهيل نڙ سان، گڏ کڻي هلڻ يا هٿ ۾ جهلي ڇڪڻ جهڙو ٿئي. (2) اهو حقو، جيڪو وڏو، ڊگهي ۽ لچڪدار نڙ سان ٿئي، جيڪو گهڻو ڪري هڪ هنڌ رکيل هوندو آهي، جيڪو مرضيءَ سان ڪٿي به رکي سگهبو آهي. حقي جا ٽي حصا هوندا آهن: هيٺيون حصو، سڌي تري واريءَ گُگهي جهڙو، جنهن ۾ پـاڻـي وجهـبـو آهــي، (2) وچ وارو سوڙهو ۽ جنساري حصو، (3) مٿيون ٽوپيءَ يا ڦُل وارو حصو. ٽوپيءَ يا ڦل جو مٿيون حصو ويڪرو ٿيندو آهي ۽ هيٺيون حصو سوڙهو هوندو آهي. سوڙهي حصي ۾ تماڪ ڀريو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جي مٿان ٽانڊا رکبا آهن، جيڪي تماڪ کي ساڙڻ جو ڪم ڪندا آهن. ٽوپيءَ جي سوڙهي حصي ۾ وري گوءِ پيل هوندي آهي. گوءِ روايتي طرح اينچيءَ جي ڪاني جي ٺهيل ٿئي، پر اها ڪنهن ڌاتوءِ جي به ٿي سگهي ٿي. سڙندڙ تماڪ جي ڪوسي ۽ نڪوٽيل ڦوڪ حقي جي سوڙهي حصي مان گذرندڙ گوءِ وسيلي وڃي پاڻيءَ ڀريل ڍڍر سان ملندي آهي. ڪن حقن، خاص ڪري ڌاتوءَ مان ٺهيل حقن جو وچون حصو مختلف نمونن سان جنساريل هوندو آهي.
ننڍن حقن جي گوءِ، نڙ سان ٻٽ ملائي هڪ ڏَٽَي وسيلي پاڻيءَ واري برتن جي سوڙهي مُنهن وٽ سوگهي ڦٻيل هوندي آهي ته جيئن ان مان هوا گذري نه سگهي. انهيءَ قسم جي حقي جو نڙ سخت ۽ ڏيٽي کان ٿورو مٿي ٻاهر تي مُڙيل، لڳ ڀڳ هڪ کان ڏيڍ فوٽ ڊگهو هوندو آهي، جنهن مان ڀرپور ۽ سولائيءَ سان ڦوڪ ڀري سگهبي آهي. وڏي حقي جو نڙ، حقي جي وچئين حصي ۾ الڳ ٺهيل ڳڙک ۾ ڏٽي وسيلي لڳايل هوندو آهي، جيڪو ڊگهو ۽ لچڪدار هوندو آهي.
حقو اڄ تائين رواج ۾ آهي ۽ دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ ڇِڪيو وڃي ٿو. سنڌي چِلم، جيڪا هن وقت ورلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا حقي کان ٽن حوالن سان مختلف ٿيندي آهي: (1) سنڌي چلم جو نڙ هميشه چلم جي وچين حصي ۾ ٺهيل ڳڙک ۾ ڏيٽي وسيلي وجهبو آهي، ۽ اهو وڏي حقي وانگر، گوءِ کان الڳ هوندو آهي. (2) سنڌي چلم جو ڍڍر يا پاڻيءَ وارو حصو حقي جي ساڳئي حصي کان وڌيڪ ويڪرو هوندو آهي. ان جي چوڌاري ٻاهران هڪ وڌيل ڪنار هوندي آهي، جنهن ۾ به پاڻي وجهندا آهن، ان لاءِ ته جيئن چلم جو ڍڍر ٿڌو رهي. (3) سنڌي چلم چوري پوري يا ڦيرائي ته سگهبي آهي پر ساڻ کڻي هلڻ يا هٿ ۾ جهلي ڇڪڻ لاءِ نه هوندي آهي (وڌيڪ ڏسو: چلم). اڄڪلهه ڪيترن ئي ملڪن سميت پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ڪن هوٽل ۽ فوڊ اسٽريٽس ۾ ’شيشه‘ نالي حقا رکيا وڃن ٿا. هن ۾ تماڪ بجاءِ مختلف ذائقن ۽ رنگن وارو نشي آور محلول استعمال ڪيو وڃي ٿو، ڪي ان ۾ چرس به ملائين ٿا. شيشو پيئڻ سان صحت کي هاڪاري نقصان رسي ٿو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اهو سگريٽ نوشيءَ کان ڏهوڻ تي وڌيڪ خطرناڪ آهي. تازو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان خلاف بل به پاس ٿيو، ڇاڪاڻ جو ڪيترا نوجوان ان عادت ۾ مبتلا ٿي صحت بگاڙين ٿا.


لفظ حُقوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو