تمن

تُمن/ تُومانُ: هي اصل ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ”ڏهه هزار“ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. مغلن جي دور ۾ ڏهه هزار سپاهين جي جٿي کي ”تُمن“ چوندا هئا. ايران جي ڪن علائقن ۾ چانديءَ جا سڪا ٺاهيا ويندا هئا. اول وڏا ۽ ڳرا سڪا، پوءِ ننڍا ۽ هلڪا ضرب ڪيا ويندا هئا. وڏين رقمن جو شمار ڏهه هزار دينارن جي تومانن ۽ سٺ هزار درهم جي تومانن ۾ ڪيو ويندو هو (دينار ۾ ڇهه درهم هوندا هئا). سنڌ ۽ بلوچستان ۾، بلوچن جي وڏي قبيلي کي ”تمن“ چوندا آهن، يعني اهڙو قبيلو، جنهن جي آدمشماري ڏهن هزارن ماڻهن کان وڌيڪ هجي. هن وقت بلوچن ۾ لغاري تمن، بڙدي تمن ۽ جمالي تمن وغيره موجود آهن .


لفظ تمنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو