ڊٺڙو1

ڊٺڙو1

ڊٺڙو1

ڊٺڙو1 (شهر): ڊٺڙو، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو هڪ اهم ڳوٺ يا شهر آهي، جتي سنڌي زبان جي مشهور صوفي شاعر، حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري مزار هتي آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. هزارين عقيدتمند ايندا آهن. ان موقعي تي ملاکڙو به لڳندو آهي. ماضيءَ ۾ هتي ادبي ثقافتي ڪانفرنسون به ٿينديون هيون، جن ۾ سائين جي. ايم. سيد ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به ايندا هئا. ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ جي هڪ ڪانفرنس به هتي ٿي هئي. شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جي زندگيءَ تائين هتي ادبي ڪانفرنسون ٿينديون رهيون، جيڪي هاڻي وري عارف الموليٰ جي فرزند سيد يار محمد شاهه ڪرائڻ شروع ڪيون آهن. هن گاديءَ جو موجوده سجاده نشين سيد نور محمد شاهه جيلاني آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو