ڌُوپ2

ڌُوپ2: هڪ وکر يا مصالحو، جنهن کي سونارا پوري مال ۾ ڀري نهرو ڪندا آهن. جيئن مال گھنج پوڻ کان محفوط رهي. ڌوپ، پورا ڪنگڻ، پورا والا، پوريون نٿون ۽ چٽائيءَ وارن ڏوڏڙن (گول تعويذ) ۾ ڪتب ايندو آهي. جن ۾ ڏوپ ڀريل هوندو آهي. هن ڪم ۾ ڪراچي، ملتان، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جا ڪاريگر چڱا ماهر آهن ۽ کين چڱي خاصي مهارت حاصل آهي. 1950ع تائين هن ڪم کي لاڙڪاڻي ۾ عروج رهيو. ان بعد هن ڪم جو رواج آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. هن ڪم جي مشهور ڪاريگرن ۾ فيض محمد کوکر (نئون ديرو)، عبدالرحيم کوکر (فريد آباد)، محمد پريل عباس (لاڙڪاڻو)، عبدالقادر کوکر (فريدآباد) ۽ عبدالله کوکر وغيره قابلِ ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو