سُهاڳو

سُهاڳو: هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي، جيڪو جدا جدا قسمن جي ’لوڻن‘ کي ملائي ٺاهيو ويندو آهي. قزويني، ڪچي شوري کي سهاڳي جو هڪ قسم لکي ٿو، يعني ارمني سهاڳو، جيڪو مختلف قسم جي ڌاتن کي ڳنڍڻ ۽ ملائڻ ۽ ڳارڻ جي ڪم ۾ ايندو آهي. سهاڳو هند مان گهرائبو آهي، ان ۾ مٺي سوڍا، زراوند ۽ ڪرمان جو سهاڳو شامل هوندا آهـن. ارسطو به سهاڳي جي خاصيت لکي آهي ته هي سڀني جـسـتـن (ڌاتن وغيره) کي ڳاري ڇڏي ٿو، ريهه ڏيڻ ۽ ڳارڻ ۾ ڪم ايندو آهي. لوهي اوزارن ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهڙي ئي قسم جو هڪ سهاڳو، سون کي ڳارڻ، ڪٽ ۽ صاف ڪرڻ ۾ ڪارآمد آهي، جنهن تان سنڌيءَ ۾ پهاڪو ٺهيو آهي ته ’سون تي سهاڳو‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو