ڏاس

ڏاس

ڏاس

ڏاس: سنڌ ۾ ٻڪرين جي وارن کي ڏاس چوندا آهن. اونهاري جي موسم ۾ ڌنار ٻڪرين مان ڏاس لاهيندا آهن، جنهن کي سَٽي انهن جا گول وَٽا ٺاهي، ڪَتي، انهن مان ٻوريون، ٻورا، جالنگ، کرڙ، خرزينون، جِيرويُون، رسا، کٽن جو واڻ، پلاڻن، پاکڙن، هَنن جا ترنگ ۽ گهريلو استعمال جون ٻيون شيون ٺاهيندا آهن. ڏاس مان اُڻيل/ ٺاهيل شيون مضبوط ٿين ٿيون. هي شيون سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾ اڄ تائين گهڻيون ٺاهيون وينديون آهن. ڪتيل ڏاس وڪڻي ان مان ٿري ۽ ڪوهستاني ماڻهو وڏي تعداد ۾ پنهنجو روزگار ڪمائيندا آهن.


لفظ ڏاسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو