ڏيپارجا

ڏيپارجا (شهر): هي پراڻو شهر، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ آباد آهي. هي شهر 12 هزار کان مٿي آبادي ۽ 25 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هن شهر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. شهر کي هاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول، پرائمري اسڪول، پوسٽ آفيس، پوليس ٿاڻو، بنيادي صحت مرڪز، گئس، واٽر سپلائي ۽ بجليءَ جون سهولتون ميسر آهن. هي شهر ضلعي جي سڀني شهرن سان روڊن ذريعي ڳنڍيل آهي. هي پهرين ڳوٺ هو، جيڪو پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ ترقي ڪري گھڻو وڌيو ۽ بعد ۾ شهر بڻجي ويو. شهر جي درگاهن جي مقبرن ۾ ڪم آيل سرون ميان يار محمد ڪلهوڙي جي قبي ۾ استعمال ٿيل سرن سان مشابهت رکن ٿيون، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هي شهر ڪلهوڙا دؤر يا ان کان اڳ آباد هو. ڏيپارجا ۾ ان دؤر ۾ رستا نه هوندا هئا. ان ڪري آمد و رفت جو ذريعو جانور يا دريائي ٻيڙا هوندا هئا. هتي مشهور بزرگن سيد عبدالوهاب شاهه بخاري، دائود پير، سيد نظر محمد شاهه جيلاني اول ۽ دوم، سيد حامد شاهه ۽ ٻين جون مزارون آهن. هتي سيد، سومرا، سرهيا، سولنگي، سيال، ڪوريجا، سهتا، ڏيپر، چنا، ملاح، دايا، ڊکڻ، جکڙ، مگسي، اتيرا، پڃارا، عباسي، ڏهر، خاصخيلي، سنديلا، ميتلا، اوڏ، ٿهيم، مڱڻهار، عالماڻي، سابقي، مري، ڀرٽ، چانڊيا، شيخ، راجپوت، ڀٽي، سما ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهائش پذير آهن.


لفظ ڏيپارجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو