ڏگو

ڏگو: ڏگو، موسيقيءَ جي ماڙيچا گهراڻي جي ذات آهي. هن ذات وارا گھڻا تڻا حيدرآباد ضلعي ۾ رهن ٿا. مڱڻهارن ۾ به هڪ پاڙو هن نالي سان مشهور آهي. هن ذات وارا ماڻهو راجسٿان ۽ سنڌ جي ٿر ۾ گھڻا رهن ٿا، جتي هو ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو ڪم به ڪن ٿا. هن ذات مان استاد نورمحمد ڏگو مشهور طبلي نواز ٿي گذريو آهي.
دل قبيلي جي لنجا شاخ مان پڻ هڪ پاڙي جو نالو ڏگو آهي.


لفظ ڏگوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو