بدر ابڙو

بدر ابڙو

بدر ابڙو الطاف شيخ سان گڏ

بدر ابڙو الطاف شيخ سان گڏ

بدر ابڙو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۾

بدر ابڙو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۾

بدر ابڙي جو ڪتاب - سنڌ جي جهنگلي جيوت

بدر ابڙي جو ڪتاب - سنڌ جي جهنگلي جيوت

بدر ابڙي جو ڪتاب - ماڻهو

بدر ابڙي جو ڪتاب - ماڻهو

بدر ابڙو

بدر ابڙو: برک ڪھاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامه علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ، صحافي، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙي جي پئدائش 19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي، خيرپور، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول مان ورتي. مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان 1969ع ۾ ۽ انٽر کانپوءِ ڪراچيءَ مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي. ادبي گهراڻي سان تعلق سبب 1973ع کان مختصر ڪھاڻيون لکڻ سان آغاز ڪندي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ دلچسپي سان شريڪ ٿيندو رهيو. 1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائي ٿي ته بدر ابڙو پنھنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو . ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشھور ٿيو. ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا.بدر ابڙو'> بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو. ان بعد هن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. 1985ع کان هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، 1990ع ۾ روزاني ”پڪار“ سکر جو ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ ”پڪار“ ڪراچيءَ مان ڇپجڻ لڳي ته اتي به پاڻ ايڊيٽر هو. 1993ع ۾ هن ادبي، سياسي ۽ سماجي مخزن ”روح رهاڻجاري ڪئي، جنھن جا نوَ (9) پرچا اچي سگهيا. 1997ع ۾ پاڻ ”برسات“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن وقت تائين بدر ابڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”تنقيد نگاري“ (1985ع)، ”رني ڪوٽ“ (1989)، ”هنگلاج ۽ لاهوت“ (تحقيق: 1992ع ۾)، ”رياست جهنگل جي آکاڻي“ (ڪھاڻيون: 1992)، ”جيل جي ڊائري“ (1990)، ”سنڌوءَ جو سفر“ (1994)، ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفر نامو) 1996، ”رني ڪوٽ“ (اردوءَ ۾: 1997ع)، ”ماڻهو“ (1998)، ”سنڌ جو شاهه“ (2000ع)، ”سنڌ جي جهنگلي جيوت“ (2009ع)، ”منڇر گورک گاج دنيا“ (2009ع)، ”ڪوهستان جو سفر“ (2009ع)، ”کير ٿر جو سفر“ (2010ع)، ”اوڪسفرڊ انگلش سنڌي ڊڪشنري“ (2010ع)، ”علامه علي خان ابڙو“، (علمي خدمتون: 2010ع)، ”کير ٿر ۾ چٽسالي“ (ٻڌيه جو سفر: 2011ع)، ” پيھي منجهه پاڻ“ (2012ع)، ”جڏهن سنڌ ۾ باهه ٻري (2014ع)،”سنڌ ۾ جين مت“، ”قافلو هلندو رهيو“ (خاڪا: 2014ع)، ”جيل ڊائري“ (2014ع)، ”خواب ۽ خيال“ (2015ع)، (2019) Ranikot Wall of Sindh شامل آهن. ان کان علاوه سندس تحقيقي سفرناما به ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ”کيرٿر جو سفر“ جا پنج جلد، ”سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي“،”ڪُتي جي قبر ڏانھن“ ۽ ”سيوهڻ جي تاريخ“ شامل آهن. ان کان سواءِ پاڻ 2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سيل جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو ۽ سنڌيانا جو پھريون جلد سندس نگرانيءَ هيٺ تيار ٿيو. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”خواب ۽ خيال“ (شاعري) ۽ صوفياڻي فلسفي تي ٻڌل تحريرن جو مجموعو ”پيھي جان پاڻ ۾“ شامل آهن. بدر ابڙي مختلف اخبارن ۾ ڪيترائي سلسليوار ڪالم، ايڊيٽوريل ۽ مضمون به لکيا، جن ۾ ”هيءَ سين“ جي سري هيٺ هلال پاڪستان ۾ ”زندگي جدوجھد، اڻٿڪ سفر“ (هلال پاڪستان). ”سنڌ باد“ (هلال پاڪستان) ”وتايو فقير سوچي ٿو“، (برسات)، ”آئينو“. (سنڌ، ڪاوش ۽ خبرون اخبارن ۾) شامل آهن. ان کان علاوه هن هڪ درجن کن فرضي نالن سان پڻ ڪالم لکيا، جن ۾ ڪڏهن ”شهباز لطيف“ ڪڏهن ”مترش“، ”احسان الله“، ”بشير عباسي“، ”آديسي“، ”تمر لاهوتي“ ۽ ’سنڌ باد‘ جهڙا نالا استعمال ڪيا. کيس مڃتا طور APNS اوارڊ 1987ع ۾ مليو. آرٽس ڪائونسل مان مجسمي سازيءَ جو ڪورس ڪرڻ تي، سڄي ڪراچيءَ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1986ع ۾ بدر ابڙي شاهه لطيف جو خيالي مجسمو پڻ ٺاهيو. سندس زندگيءَ جو هڪ اهم پھلو مهم جوئي پڻ آهي. هن 1989ع ۾ ڪابل نديءَ کان ڪراچيءَ تائين ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ جو سفر ڪيو ۽ لڳ ڀڳ سڄو کيرٿر ڏسڻ کان پوءِ ڪتاب لکيو. بدر ابڙي ويجهي ماضيءَ کان آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ پڻ فرض نڀايا آهن، جتي پروجيڪٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان انگلش- سنڌي ڊڪشنرين جي تياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اٿس.بدر ابڙو'> بدر ابڙو تحقيق ۽ آرڪيالاجيءَ سان دلچسپيءَ سببِ مختلف ماڳن جا سفر ڪندو رهي ٿو. هن وقت سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.12.19  عيسوي

برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامه علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ ، صحافي ، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙي جي پئدائش 19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب شعبان ميراڻي
شيخ توهدن دمياري
رتنا گوديا رولاڪ
سڪيلڌو محمد سومار ميمڻ
عبدالغفار صابري
جمن احمداڻي
پرهياڙ مير محمد
ابڙو الياس پروفيسر
ابرار قاضي
آري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون