ڊسمبر

ڊسمبر (December): يورپي ڪيلنڊرجو آخري مهينو آهي. هن ۾ زمين پنهنجي مدار ۾ پنهنجو چڪر پورو ڪرڻ واري هوندي آهي. 22 ڊسمبر تي سج بلڪل خطِ جديءَ تي چمڪندو رهندو آهي. ڏکڻ جي اڌ ٽڪر ۾ وڏي ۾ وڏو ڏينهن هوندو آهي. اڌ ٽڪر ۾ سج ڏکڻ طرف جهڪيل هوندو آهي. ڏکڻ واري حصي ۾ روشنيءَ جو دائرو وڏي ۾ وڏو هوندو آهي ۽ اڌ ٽڪر اتر ۾ رات وڏي ۾ وڏي هوندي آهي. اتر جو اڌ حصو ٿورو گهڻو روشنيءَ ۾ هوندو آهي، جا هتي موسم ٿڌي هوندي آهي ۽ ڏکڻ جي اڌ طرف موسم انتهائي گرم هوندي آهي. هن ۾ ڪل ايڪٽيهه ڏينهن هوندا آهن.


لفظ ڊسمبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو