
آئرلينڊ
آئرلينڊ (Ireland ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه آئرلينڊ (Republic of Ireland) آهي، جنهن جو پراڻو نالو هائبرنيا هو. آئرلينڊ جي اصل معنيٰ آهي، ”الھندو ٻيٽ“. ڇو تہ اهو يورپ جي اولھہ ۾ آهي. آئرلينڊ برطانيا جي اولھہ ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود ٻيٽ آهي. اتريون آئرلينڊ هن جي اتر ۾ آهي.
آئرلينڊ جي ڪل پکيڙ 70282 چورس ڪلوميٽر (27129 چورس ميل) ۽ آبادي 40 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ ڊبلن (Dublin) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ ڪارانٽو هل (بلندي: 1041 ميٽر) آهي. آئرلينڊ جي موسم وچولي، سرد ۽ خوشگوار رهندي آهي، جنهنڪري گاھہ سڄو سال سائو رهندو آهي. آئرلينڊ جي مکيہ معدنيات زنڪ، شيهو، قدرتي گيس، چاندي، ڊولومائيٽ، جست، جپسم، چُن ۽ ٽامو آهي.
آئرلينڊ کي زمرد جو ٻيٽ چيو ويندو آهي، تاريخدانن موجب آئرلينڊ جا پهريان رهواسي يورپ جي مرڪزي حصي مان اٽڪل 600 ق.م ۾ اچي هتي آباد ٿيا. انهن ماڻهن اتر اوڀر ڪناري (هاڻوڪي لارني) تي اچي پڙاءُ ڪيو. جيڪي شڪاري ۽ مهاڻا هئا. اٽڪل 400 ق.م ۾ برطانيا ۽ يورپ مان ايندڙ ڪيلٽڪ (Celtic) قبيلن آئرلينڊ تي حملو ڪري ٻيٽ کي توئاٿ (Tuath) نالي ننڍين رياستن ۾ ورهايو. لوھہ جي زماني 300 ق. م ۾ ٻيٽ تي ڪيلٽڪ تھذيب ۽ ثقافت کي اسرڻ جو موقعو مليو. 432ع ۾ سينٽ پيٽرڪ عيسائي مذهب کڻي آيو، جنهن کي آئرش قوم قبوليندي کيس سرپرست (Patron) طور قبوليو. 14 صدي عيسويءَ ۾ لڳ ڀڳ سڄو آئرلينڊ نارمنن جي هٿ هيٺ اچي ويو، جن انگلينڊ جي اثرن مان پاڻ کي آجو ڪندي، پنھنجي زبان ۽ ڪلچر رائج ڪيو. 1541ع ۾ هينري اٺين انگريزي قانون نافذ ڪيا. ان کان پوءِ لاڳيتو انگريز ئي رهيا. 29 ڊسمبر 1937ع تي نئون آئين لاڳو ڪيو ويو. ملڪ کي IFS بجاءِ EIRE (آئرلينڊ) جو نالو ڏنو ويو. 30 مئي 2000ع تي برطانيا اتر آئرلينڊ اسيمبليءَ کي اندروني خودمختياري ڏني، پهرئين جنوري 2002ع تي آئرلينڊ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي.
1937ع جي آئين موجب آئرلينڊ هڪ خودمختيار آزاد پارلياماني جمهوري رياست آهي. صدر رياست جو اڳواڻ، هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر ۽ پهريون شھري (First Citizen) آهي. آئرلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 6 ڊسمبر 1921ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري جو ميمبر 14 ڊسمبر 1955ع کان آهي.
1541.00.00 عيسوي
1541ع ۾ هينري اٺين انگريزي قانون نافذ ڪيا . ان کان پوءِ لاڳيتو انگريز ئي رهيا
1937.12.29 عيسوي
29 ڊسمبر 1937ع تي نئون آئين لاڳو ڪيو ويو . ملڪ کي IFS بجاءِ EIRE ( آئرلينڊ ) جو نالو ڏنو ويو
2000.05.30 عيسوي
30 مئي 2000ع تي برطانيا اتر آئرلينڊ اسيمبليءَ کي اندروني خودمختياري ڏني
2002.01.01 عيسوي
پهرئين جنوري 2002ع تي آئرلينڊ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي
1921.12.06 عيسوي
آئرلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 6 ڊسمبر 1921ع آهي