آخوند الهه بچايو

آخوند الهه بچايو

آخوند الھہ بچايو

آخوند الھہ بچايو: آخوند الھہ بچايو ولد آخوند غلام علي، 14 جولاءِ 1919ع ڌاري ڳوٺ مٽياريءَ ۾ ڄائو، سندس تعلق صديقي خاندان سان هو. سندس وڏا گهڻو وقت اڳ مغلن سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا. ٻن ڀائرن مان هڪ درس تدريس جي عمل سان واڳيل رهيو، هڪ مدرسو قائم ڪيائين، جنهنڪري اهي ”آخوند“ سڏجڻ لڳا. آخوند الھبچايو اڃا پنجن سالن جو مس هو تہ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. هن معصوم جي پالنا ۽ پڙهائيءَ جي فرض ادائي سندس امڙ ۽ مامي محمدصديق سنڀالي. چار درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ آخوند الھہ بچائي کي انگريزيءَ پڙهڻ لاءِ پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ وڃڻو پيو. بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي امتحان لاءِ تياري ڪيائين پنھنجي پڙهائيءَ ۽ رهائش جي خرچ لاءِ سنڌ مدرسي ۾ ماستريءَ جي ملازمت اختيار ڪيائين. 1940ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري، حيدرآباد ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين، ۽ ان سان گڏ سماجي خدمتن ۾ بہ بھرو وٺندو رهيو. حيدرآباد ۾ مسلم هاءِ اسڪول قائم ڪيائين. جلد ئي وڪالت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيائين. حيدرآباد لا ڪاليج جو ڪجهہ عرصو پرنسپال بہ رهيو ۽ سنڌ جي مشھور قانوندانن مان هو. 1943ع ڌاري علامہ دائودپوٽي جي وڏيءَ نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. 1966ع ۾ آخوند الھہ بچايي کي اولھہ پاڪستان ۾ قانون واري وزارت ۾ وزير طور کنيو ويو. آخوند الھہ بچايي جي وفات 5 ڊسمبر 1972ع تي، روڊ جي هڪ حادثي ۾ ٿي، کيس مٽيارين جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت سنڌ، عبدالحميد آخوند سندس فرزند آهي.


لفظ آخوند الھہ بچايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.07.14  عيسوي

آخوند الهه بچايو 14 جولاءِ 1919ع ڌاري ڳوٺ مٽياريءَ ۾ ڄائو.


1972.12.05  عيسوي

آخوند الهه بچايي جي وفات 5 ڊسمبر 1972ع تي، روڊ جي هڪ حادثي ۾ ٿي، کيس مٽيارين جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالواحد هاليپوٽو
ڀٽو صنم
ٽوبن جيمز
راجيش کنا
ڀڳوان اٽلاڻي
حسن بخش شاھہ صوفي
اشرف سمون ڊاڪٽر
عثمان راهوڪڙو
خداداد خان (ثاني)
پير آف راڻيپور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون