آخوند لطف ﷲ لطف قريشي

آخوند لطف ”لطف“ قريشي: آخوند لطف ولد آخوند محمد اسحاق قريشي 1842ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ حيدرآباد جي مشھور پاڙي ”گنج بخش شاھہ“ جي پـِڙ ۾ رھندڙ قريشي خاندان جو فرد ھو. ابتدائي تعليم پرائڻ کان پوءِ پھرين آخوند محمد صديق جي مڪتب ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ لوڪل بورڊ طرفان پرائمري استاد مقرر ٿي، چنيجن، نصرپور، تاج پور ۽ ٻين ھنڌن تي پڙھائيندو رھيو. پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولـي محمد اسـڪول (قاضي عبدالقيوم اسڪول) جو ھيڊماستر ٿيو. آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ذوق سليم جو مالڪ ھو. طبابت جي ڪم کان واقف ھو. پاڻ رجب علي بيگ سرور جي اردو ٻوليءَ جي مشھور ڪتاب ”فسانه عجائب“ جو ”گل خندان“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي لکيو. شاعريءَ ۾ ”لطف“ تخلص اختيار ڪري. مداحون، مناجاتون ۽ مولود چيائين. مير عبدالحسين خانسانگي“ ۽ مرزا قليچ بيگ سان سندس روح رھاڻيون ٿينديون ھيون. 1898ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ باقي عمر طبابت جي ڌنڌي ۾ گذاريائين. پاڻ ڊسمبر 1902ع ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ’جان عالم‘ ۽ ’انجمن آرا‘ بہ سندس تصنيفون آھن. کيس ٻہ فرزند ۽ ھڪ نياڻي ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1842.00.00  عيسوي

آخوند لطف الله ” لطف “ قريشي 1842ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو .


1902.12.00  عيسوي

آخوند لطف الله ” لطف “ قريشي ڊسمبر 1902ع ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سورج سجاولي
اصغر شر
خادم حسين شاھہ
اياز امر شيخ
ذوالفقار راشدي
بِنگو گوپانگ
پلي محمد امين خليفو
چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي
ضياء خياروي
دانش اياز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون