آديسي: ھندو فقيرن جو ھڪ خاص فرقو يا گروھ، جيڪي ”آديس گرو“ ڪن، گروءَ جو سلام ڪن ۽ حڪم مڃين. عام معنيٰ ۾ ”آديس“ جوڳين ۽ ٻين فرقن جو سلام آھي.
عليم فقير مڱريو، جيڪو 1920ع ڌاري يا ان کان اڳ، ھندستان کان ايندڙ جوڳين فقيرن سان گڏ سڄا ٽي سال اوڀر سنڌ، جيسلمير ۽ جوڌپور طرف گڏ ھليو ھو، تنھن جي چوڻ مطابق ”اھي فقير ٽولن ۾، سياري ۾ ايندا ھئا. صبح جو سوير اٿندا ھئا ۽ ھٿ منھن ڌوئي ماٺ ڪري ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ ويھندا ھئا. مانيون پچائي، گيھه ۽ کنڊ ۾ ڀوري، ڪٽِي ڪري ھڪ وقتو کاڌو ڍؤ ڪري کائيندا ھئا. سڄو ڏينھن ھل ھلان ۾ ھوندا ھئا ۽ وچينءَ جي وقت سج لٿي کان اڳ جتي به ھوندا ھئا، اتي (شھر ۽ ڳوٺ کان ٻاھر) منزل ڪري ويھي رھندا ھئا، ۽ ڪجھه کائي پي سمھي رھندا ھئا“.
سنڌ ۾ چوھاڻ ذات جا مسلمان جوڳي فقير آھن، جيڪي لاڙ جي ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ ۽ پڻ سيوھڻ طرف رھندا آھن. انھن مان محمد فقير، قادربخش فقير ۽ مٺو فقير مرلي وڄائڻ جا ملوڪ ھئا. انھن مان ٻيا جيڪي نانگ بلائون جھليندا ھئا، تن ۾ محمد ھاشم مـُک ھو. مٺي فقير ھن پوئين دور ۾ سنڌ جي جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين جي سڃاڻپ ھن طرح ڪرائي:
”مسلمان جوڳي، ذات چوھاڻ، گيڙو ويس ڪن، الفي ڳچيءَ ۾ وجھن، ڪنن ۾ والا پائين، ڳاڙھو بصر ڪونه کائين. رات جو جاڳن، مرلي وڄائين، نانگ جھلين ۽ نانگن بلائن جا منتر ڪن.“
صادق فقير صوفيءَ جي بيت جي ھڪ سٽ آھي:
”آديسي اڄ مـــر، سڀان مرندو سڀڪو“.