سلام

سلام

سلام

سلام: سلام عربي لفظ آهي ۽ ان جو مطلب سلامتي ورتو وڃي ٿو. اسلامي نقطه نظر سان هن لفظ سلام جي وڏي اهميت آهي. عربيءَ ۾سلام ڪرڻ يا نماز جي پڄاڻيءَ تي سلام ورائڻ کي ’تسليمة‘ چون ٿا. قرآن مجيد ۾ لفظ سلام 35 ڀيرا آيو آهي. ’امن ۽ سلامتي صبح ساجُهر تائين رهي ٿي.‘ (القدر: 5) ’توهان تي سلام هجي جو اوهان صبر ڪيو، هاڻي آخرت جو گهر اوهان لاءِ بهترين رهڻ جي جاءِ هوندي‘ (الرعد: 24).
مسلمان هڪ ٻئي سان عام زندگيءَ ۾ ملڻ يا موڪلائڻ وقت سلامتي ۽ دعا طور سلام ڪندا رهندا آهن. ان جو بهترين طريقو هي آهي ته جڏهن هڪڙو شخص ٻئي کي چوي ’اَلسلاَمُ عَلَيڪُم‘ ته اڳئين کي جواب ۾ چوڻ کپي ’وَعَلَيڪُم السَلام وَرَحمَةَ اللهِ‘، پر جيڪڏهن پهريون شخص لفظ وَرَحمَةُ الله به ملائي چوي ته جواب ڏيندڙ شخص وَبَرَڪَاتُه جو اضافو ڪري. سورة النساء جي آيت: 88 ۾ فرمايو ويو آهي ته ’جيڪڏهن توهان کي سلام ڪيو وڃي ته ان جو جواب بهتر ڪلمي سان ڏيو.‘ شريعتِ محمدي صلي الله عليه وسلم جي حساب سان سلام ڪرڻ پاڻ ڪريمنصه جي سنت آهي، پر ان جو جواب ڏيڻ فرض ڪفايه آهي، جنهن جو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن سلام گهڻن ماڻهن جي اجتماع ۾ ڪيو وڃي ۽ انهن مان هڪ ٻن جواب ڏنو ته ٻين سڀني تان اهو فرض لهي ويو، پر جيڪڏهن سلام ڪنهن هڪ ماڻهوءَ تي ڪيو ويو ته اُن تي جواب ڏيڻ فرض عين ٿي پوندو. پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته: ”ڇا! مان توهان کي اهڙي شيءِ ٻُڌايان، جنهن سبب توهان جي هڪ ٻئي سان محبت وڌي؟ ته پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي سلام عام ڪريو.“ (تفسير قرطبي). سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ مستحسن آهي، ڇو ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جو اهوئي طريقو هو. خطبي، نماز، قرآن ڪريم جي تلاوت، غسل (تڙ) ۽ قضاء حاجت وقت سلام جو جواب ڏيڻ واجب ناهي.


لفظ سلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو