آسر فقير: فقير آسر ولد ميرڻ خواجہ ، ضلعي ٺٽي ، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ تڙ خواجا ۾ 11 جمادي الثاني 1310ھہ/31 ڊسمبر 1892ع تي ڄائو . سندس والد هن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏياري ، جنهنڪري آسر جوانيءَ ۾ مشھور موسيقار ٿي پيو . اڪثر سندس مئخانو راڳيندڙن سان ڀريل هوندو هو . پاڻ طنز و مزاح ۾ ايترو تہ ڀڙ هوندو هو ، جو اڪثر سندس ٽوٽڪن ۾ کل ڀوڳ جي انداز ۾ نصيحت ڀريل هوندي هئي . آسر فقير راڳ جي رهاڻ سان گڏ ، سنڌي ، اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ ڪافي شعر چيا آهن . سندس خاص دوستن ۾ سانوڻ فقير ، احمد هنڱورجو ، الھڏنو ۽ بصر جا نالا ورتا وڃن ٿا . 27 شوال 1377ھہ/17 مئي 1958ع تي وفات ڪيائين . ڳوٺ ۾ سندس نالي سان اڄ بہ اوتارو قائم آهي ، جتي پاڻ ابدي آرامي آهي .
1892.12.31 عيسوي
آسر فقير 31 ڊسمبر 1892ع تي ڄائو
1958.05.17 عيسوي
آسر فقير 17 مئي 1958ع تي وفات ڪئي