آسر فقير

آسر فقير: فقير آسر ولد ميرڻ خواجہ ، ضلعي ٺٽي ، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ تڙ خواجا ۾ 11 جمادي الثاني 1310ھہ/31 ڊسمبر 1892ع تي ڄائو . سندس والد هن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏياري ، جنهنڪري آسر جوانيءَ ۾ مشھور موسيقار ٿي پيو . اڪثر سندس مئخانو راڳيندڙن سان ڀريل هوندو هو . پاڻ طنز و مزاح ۾ ايترو تہ ڀڙ هوندو هو ، جو اڪثر سندس ٽوٽڪن ۾ کل ڀوڳ جي انداز ۾ نصيحت ڀريل هوندي هئي . آسر فقير راڳ جي رهاڻ سان گڏ ، سنڌي ، اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ ڪافي شعر چيا آهن . سندس خاص دوستن ۾ سانوڻ فقير ، احمد هنڱورجو ، الھڏنو ۽ بصر جا نالا ورتا وڃن ٿا . 27 شوال 1377ھہ/17 مئي 1958ع تي وفات ڪيائين . ڳوٺ ۾ سندس نالي سان اڄ بہ اوتارو قائم آهي ، جتي پاڻ ابدي آرامي آهي .


لفظ آسر فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.12.31  عيسوي

آسر فقير 31 ڊسمبر 1892ع تي ڄائو


1958.05.17  عيسوي

آسر فقير 17 مئي 1958ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راوت رڻمل راٺوڙ
چانڊيو حاجي مراد خان
جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ
بلو سي راڻي
ڌياڻو مخدوم عربي
سيد گل محمد شاھہ لڪياري
ارجن داس
رضوي مير سيد مرتضيٰ
شوڪت حسين رضوي
مائي ڄامان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون