آسٽريا

آسٽريا

آسٽريا

آسٽريا (Austria ):هن ملڪ جو نالو جمهوريه آسٽريا (Republic of Austria) آهي، آسٽريا جرمن زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”فرانڪن جي اوڀر واري بادشاهت“. هن ملڪ جي اتر ۾ جرمني، چيڪ جمهوريه ۽ سلوواڪيا، اوڀر ۾ هنگري، ڏکڻ ۾ سلووينيا ۽ اٽلي، اولھہ ۾ سوئيزرلئنڊ ۽ ليچن اوسٽين موجود آهن. آسٽريا سمنڊ کان سواءِ جابلو ملڪ بہ آهي ۽ پنهنجين سهڻين ٽڪرين جي دل لڀائيندڙ منظرن سبب سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. آسٽريا جي ڪل پکيڙ 83854 چورس ڪلوميٽر (32368 چورس ميل) ۽ آبادي 85 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ ويانا (Viena) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ گداس گلوڪنز (بلندي: 3797 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري زبان جرمن آهي، جڏهن تہ سربوڪروٽ ۽ ٽرڪش پڻ ڳالهائجن ٿيون. موسم نهايت خوشگوار ۽ وڻندڙ آهي، سردين ۾ سخت سردي پوندي آهي، جڏهن تہ گرمين ۾ موسم وچٿري هوندي آهي. آسٽريا جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، جوئر، چقندر، مڪئي، ڪڻڪ، ڪپھہ ۽ انگور وغيرہ شامل آهن. مکيہ صنعتن ۾ فولاد، مشينري، گاڏيون، بجليءَ جو سامان، آپٽيڪل شيشي جون پروڊڪٽس، ڪاغذ، ٽيڪسٽائيل، سيمنٽ، ڪيميائي شيون آهن ۽ مکيہ معدنيات ۾ ڪپھہ، لوھہ، تيل، ميگنائيٽ، گرينائيٽ، قدرتي گيس، جست، ٽامو ۽ زنڪ آهي. آسٽريا جي هاڻوڪن علائقن ۾ ماڻهو هزارين سال اڳ بہ رهندا هئا، پر تاريخدانن کي انهن بابت ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي. 800 ق.م ۾ ماڻهو کاڻين کوٽڻ جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ انهن جو ڌنڌو ڪچي لوھہ ۽ لوڻ جو واپار هو. 15ق.م ۾ رومين هن علائقي کي پنھنجي بادشاهت ۾ شامل ڪيو. 955ع ۾ آسٽريا جرمن سلطنت جو حصو ٿيو. 964ع ۾ پوپ اوٽو پهرئين کي مقدس رومن شهنشاھہ جو لقب ڏنو، ان ريت مقدس رومن امپائر جي حيثيت سان 1806ع تائين آسٽريا تي هن جي حڪومت رهي. آسٽريا ڊيموڪريٽڪ فيڊرل جمهوريه آهي، جنهن جو هيڊ آف اسٽيٽ ۽ فوج جو ڪمانڊر انِ چيف صدر آهي، جنهن کي عوام 06 سالن لاءِ چونڊيندو آهي. آسٽريا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 26 آڪٽوبر 1955ع آهي. هي ملڪ 14 ڊسمبر 1955ع کان گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  قبلِ مسيح


  قبلِ مسيح


  عيسوي


1955.10.26  عيسوي

آسٽريا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 26 آڪٽوبر 1955ع آهي


1955.12.14  عيسوي

آسٽريا 14 ڊسمبر 1955ع کان گڏيل قومن جي اداري ( U . N . O ) جو ميمبر آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آمريڪا
رياست
پيرو
پٽ ڪينئون
سنگاپور
بنگال
پولينڊ
ٿائي لينڊ
آسٽريليا
ڏکڻ آفريقا
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون