آشا درگاپوري

آشا درگاپوري: بولچند تيرٿداس نارواڻيءَ جو ادبي نالو ’آشا درگاپوري‘ آھي، ھن 10 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي محمد خان، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ايم.اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. قيام پاڪستان کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي 132- راجا پارڪ، سنڌي ڪالوني، فتح ٽيبا، جئپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”لھرون“ (1962ع)، ”سنڌي ادبي گلدستو“ (1963ع) ۽ ”شاھ جي شاعري“ (1965ع) شامل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.12.10  عيسوي

آشا درگاپوري 10 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رام لعل
شيخ اسحاق ملا اربعائي
عنايت شاھہ
چاڳلا غلام علي
جميلا بوپاشا
بولچند ڏيارام
ڀٽو مشتاق علي خان
آفندي حسن علي
فيروز احمد ميمڻ
امير بخش فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون