آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري: آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ننڍي ڌيءَ آهي. سندس جنم 1992ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو. هوءَ چئن سالن جي مس هئي ته سندس والد آصف علي زرداريءَ کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو 2004ع تائين جيل ۾ رهيو. آصفه جي تربيت ۽ پرورش سندس امڙ ڪئي. هوءَ والد جي شفقت کان محروم رهي. جڏهن آصفه جي والده محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ اليڪشن مهم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ جلسي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سندس تدفين ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي. پهريون ڀيرو آصفه عام ماڻهن جي سامهون آئي. 2008ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پنهنجي وڏي نياڻي بختاور کي پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جو سربراهه مقرر ڪيو ته ان موقعي تي هن آصفه کي پ پ پ يوٿ ونگ سنڀالڻ لاءِ پڻ همٿ افزائي ڪئي. هن وقت آصفه دبئي جي هڪ اعليٰ اسڪول ۾ زيرِ تعليم آهي ۽ سندس شمار ذهين شاگردياڻين ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.00.00  عيسوي

آصفه ڀٽو زرداري: آصفه ڀٽو زرداري ، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ننڍي ڌيءَ آهي . سندس جنم 1992ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو .


2007.12.27  عيسوي

جڏهن آصفه جي والده محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ اليڪشن مهم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ جلسي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سندس تدفين ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي . پهريون ڀيرو آصفه عام ماڻهن جي سامهون آئي .


2008.00.00  عيسوي

2008ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پنهنجي وڏي نياڻي بختاور کي پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جو سربراهه مقرر ڪيو ته ان موقعي تي هن آصفه کي پ پ پ يوٿ ونگ سنڀالڻ لاءِ پڻ همٿ افزائي ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رام سنگهه سوڍو
حاجي امير بخش خان جوڻيجو
آخوند محمد حيات حاتم
پلي درويش
سليمان خان ٽالپر
لالسنگهه اجواڻي
الاهي بخش ٻانڀڻ2
راڻي لاڏي
بهرام
سڪندر سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون