آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري: آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو شھيد جي ننڍي ڌيءَ آهي. سندس جنم 1992ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو. هوءَ چئن سالن جي مس هئي تہ سندس والد آصف علي زرداريءَ کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو 2004ع تائين جيل ۾ رهيو. آصفه جي تربيت ۽ پرورش سندس امڙ ڪئي. هوءَ والد جي شفقت کان محروم رهي. جڏهن آصفه جي والدہ محترمہ بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ اليڪشن مھم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ جلسي ۾ شھيد ڪيو ويو ۽ سندس تدفين ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي. پهريون ڀيرو آصفه عام ماڻهن جي سامهون آئي. 2008ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پنھنجي وڏي نياڻي بختاور کي پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جو سربراھہ مقرر ڪيو تہ ان موقعي تي هن آصفه کي پ پ پ يوٿ ونگ سنڀالڻ لاءِ پڻ همٿ افزائي ڪئي. هن وقت آصفه دبئي جي هڪ اعليٰ اسڪول ۾ زيرِ تعليم آهي ۽ سندس شمار ذهين شاگردياڻين ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.00.00  عيسوي

آصفه ڀٽو زرداري: آصفه ڀٽو زرداري ، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ننڍي ڌيءَ آهي . سندس جنم 1992ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو .


2007.12.27  عيسوي

جڏهن آصفه جي والده محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ اليڪشن مهم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ جلسي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سندس تدفين ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي . پهريون ڀيرو آصفه عام ماڻهن جي سامهون آئي .


2008.00.00  عيسوي

2008ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پنهنجي وڏي نياڻي بختاور کي پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جو سربراهه مقرر ڪيو ته ان موقعي تي هن آصفه کي پ پ پ يوٿ ونگ سنڀالڻ لاءِ پڻ همٿ افزائي ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڦل ماڇي
سيد سردار احمد
ريکا
رمضان مگسي
عالي شاھہ ۽ ابو شاھہ لڪياري
جمالي شيخ حماد
ڀاڳ ڀان
دلمراد جمالي
نواز علي نياز جعفري
سنت هرنامداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون