آغا بدر الدين دراني

آغا بدر الدين دراني

آغا بدرالدين دراني

آغا بدرالدين دُراني: آغا بدرالدين ولد آغا شمس الدين دراني ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي دراني پٺاڻن مان مشھور سياستدان ۽ علم دوست انسان ٿي گذريو آهي. 23 مارچ 1912ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. مئٽرڪ ڪراچي مان ڪيائين ۽ پوءِ اعليٰ تعليم علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان ورتائين. فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۽ ادب تي عبور حاصل هئس. 1937ع ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ سان لاڳاپيل رهيو. مسلم ليگ جو ضلعي صدر پڻ رهيو. ان کان سواءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن جو ميمبر بہ رهيو. ڊسمبر 1946ع ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. چونڊن ۾ ڪانگريس جي اميدوار کي شڪست ڏئي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1947ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. 1953ع جي چونڊن ۾ ٻيھر ميمبر ٿيو ۽ کيس سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. سندس ذاتي ڪتب خانو ”آشيانه ادب“ نالي سان ناياب قلمي نسخن، نوادارات ۽ قيمتي ڪتابن سان ڀريل آهي. هي ڪتبخانو سنڌ جي نادر ۽ وڏن ڪتبخانن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن 1937ع ۾ هفتيوار اخبار ”پيغام صلح“ جاري ڪئي. آغا صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي. حج جي سعادت بہ حاصل ڪئي اٿس. سندس لکيل سفرنامو ”مسافر حجاز“، سال 1950ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ حج جو پھريون سفرنامو آهي. ان کان سواءِ هن جي ٻين ڪتابن ۾ ”ڪامرسِ ان پاڪستان“ ۽ ”سنڌ ۽ هتي جا ماڻهو“ مشھور آهن. آغا صاحب 26 جنوري 1965ع تي وفات ڪئي


لفظ آغا بدرالدين درانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.03.23  عيسوي

آغا بدرالدين 23 مارچ 1912ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو .


1965.01.26  عيسوي

آغا بدرالدين 26 جنوري 1965ع تي وفات ڪئي.



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائيبند پئنچات
بچاڻي شمشاد بيگم
آچاريه ڪرپالاڻي
عبدالواحد آريسر
آنند هنڱوراڻي
امير بخش ڀٽو
آفتاب شاھہ جيلاني
ارباب ذوالفقار علي
احمد علي خان جلباڻي
امير حيدر ڪاظمي
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون