شھزادو ڪريم آغا خان
آغا خان چوٿون: اسماعيلي فرقي جو اوڻونجاهون امام، شھزادو ڪريم آغا خان، آغا خان ٽئين جو پوٽو ۽ شھزادي علي خان جو فرزند 13 ڊسمبر 1936ع ۾ جينيوا (سوئٽزرلئنڊ) ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم گهر ۾ ئي حاصل ڪرڻ کانپوءِ اعليٰ تعليم سوئٽزرلئنڊ ۽ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 11 جولاءِ 1957ع تي پنھنجي ڏاڏي جي وفات کان پوءِ اسماعيلي فرقي جي اوڻونجاھين امام طور، گادي نشين ٿيو. کيس انگريزي، فرانسيسي، اردو، فارسي، اطالوي ۽ ھسپانوي ٻولين تي عبور حاصل ھو. تاريخ جو گھرو مطالعو هجڻ کانسواءِ فوٽبال، ٽينس، ٻيڙي ھلائڻ ۽ اسڪيٽنگ سندس پسند جون رانديون ھيون. ڏاڏي جي روايتن کي زنده رکندي، بيروت يونيورسٽيءَ ۾ اسلاميات جي چيئر، ڪراچي ۾ آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ 670 بسترن واري اسپتال، تھران ۾ ھاسٽل، نئروبيءَ ۾ اسپتال ۽ سوئٽرزرلئنڊ ۽ فلپائن ۾ اسلامي تحقيقاتي مرڪز قائم ڪيائين. پاڪستان سان خاص محبت هئس. 1969ع ۾ انگريز خاتون سان شادي ڪيائين ۽ سندس اسلامي نالو سليمه رکيائين، جنھن مان کيس شھزادي زھره، شھزادو رحيم ۽ شھزادو حسين نالي ٽن ٻارن جو اولاد آهي. سندس سماجي ڪم دنيا ۾ مشھور آھن، جن ۾ AKRSP ھڪ مثالي ادارو آھي. بيگم سليمه کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ ھڪ جرمن خاتون بيگم انارع نالي سان شادي ڪيائين. انھيءَ بيگم جو نالو انارع آھي. ٻيءَ بيگم مان ھڪ شھزادو اٿس، جنھن جو نالو شھزادو علي محمد آھي. اسماعيلي فرقي جي هن اوڻونجاهين امام ۽ چوٿين آغا خان 5 فيبروري 2025ع تي وفات ڪئي
1936.12.13 عيسوي
اسماعيلي فرقي جو اوڻونجاهون امام، شھزادو ڪريم آغا خان، آغا خان ٽئين جو پوٽو ۽ شھزادي علي خان جو فرزند 13 ڊسمبر 1936ع ۾ جينيوا (سوئٽزرلئنڊ) ۾ تولد ٿيو.
2025.02.05 عيسوي
اسماعيلي فرقي جي هن اوڻونجاهين امام ۽ چوٿين آغا خان 5 فيبروري 2025ع تي وفات ڪئي